قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جو هنگامو، اسپيڪر جي ڊائس جو گهيراءُ، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر طرفان گئس جي بلن ۾ اضافي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪوم/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 35

ت گئس ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافو ڪري عوامي مسئلن ۾ اضافو ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري کيس پنهنجي تڪ ۾ نمائندگي ڏني وڃي.  سندس چوڻ هو ته 6 مهينن دوران عوام جا مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، عوام جي ڳالهه ايوان ۾ نه ٿي رهي آهي، عوام مري رهيو آهي.  سينئر مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته حڪومت ڄاڻي ٻجهي اهڙي صورتحال پيدا ڪري ٿي جنهن سان اجلاس ۾ هنگامو ٿي، مخالف ڌر جو موقف آهي ته حڪومت ڄاڻي ٻجهي اهڙن وزيرن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏي ٿي جنهن سان ايوان جو ماحول خراب ٿيندو آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مراد سعيد چيو ته شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ هنگامو ڪيو ويو، پروڊڪشن آرڊر نه ٿا ٿين ته هي هنگامو ڪن ٿا. هن چيو ته ايوان تي ڪروڙين رپيه خرچ ڪيا پيا پر ڪارروائي نه ٿي هلڻ ڏني وڃي. مراد سعيد کانپوءِ فهميده مرزا جي تقرير دوران مخالف ڌر ٻيهر هنگامو ڪري اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪيو ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون اڇلائي نعريبازي ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *