قومون غلامي سان نه پر پاڻمرادو نظام سان اڳتي وڌن ٿيون: سراج الحق

تيمرگره (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته قومون غلامي سان نه پاڻمرادو نظام سان اڳتي وڌنديون آهن آءِ ايم ايف جي ايجنڊي ۾ ملڪ کي معاشي طور تي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ پهريون حدف آهي حڪمران موبائل ٽرڪ ڪچن جو ڄار وڇائڻ جي آڙ ۾ قوم تي غلامي جو ڄار اڇلائي رهيا آهن ملڪ ۾ مسئلن جو حل لنگر خان ۽ موبائيل ٽرڪ ڪچن نه آهي پر نوان ڪارخانا ۽ روزگار آهي ملڪ ۾ مهانگائي خوفناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي آهي رمصان مهيني کان اڳ ئي کاڌي پيتي جون شين جون قيمتون وڌي ويون اهن دڪاندار پنهنجي مرضي جون قيمتون وٺي رهيا آهن ڪرونا جي ڪري بيورزگار ٿيندڙ لکين مزدورن ۽ عام ماڻهن لاءِ افطاري ۽ سحري جو انتظام ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. جيڪڏهن صورتحال تي ترت ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ناجائز نفعي خور ۽ زخيرو ڪندڙ ماڻهن جي وات مان گرهه به کسي وٺندا لڳي ٿو ته حڪومت مڪمل طور تي بي وس ٿي چڪي آهي مزدورن لاءِ سرڪار جا دروازا اکيون ۽ ڪن بند آهن حڪومت رڳو ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪري رهي  آهي رڳو پروپيگنڊا سان ماڻهن جو پيت نٿو ڀرجي سگههي ملڪ ۾ اسلامي نظام ئي خوشحالي جو ضامن ٿي سگهي ٿو حڪومت رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ رياست مدينه جو پنهنجو واعدو پورو ڪري جماعت اسلامي ملڪ ۾ الله جو نظام رائج ڪرڻ چاهي ٿي اهڙن خيالن جو اظهار هن تيمرگره ۾ ذميوارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو سراج الحق چيو ته حڪومت جي يوٽرنز سان هر طبقو پريشان آهي ماڻهن جا ڪاروبار ختم ٿي ويا آهن عام ماڻهو پريشان ٿي ويو آهي مزدورن پورهيتن جي گهرن ۾ فاڪا ڪٽيا پيا وڃن هر پاسي هڪ مايوسي ۽ نااميدي واري ڪيفيت آهي پر حڪمران هن سموري صورتحال تي خاموش آهن هن چيو ته هاڻي به ملڪ ۾ وسيلن جي کوٽ نه آهي وسيلن جي صحيح ورچ جو مسئلو حڪومت 1200 ارب جي جينهن امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو هو جيڪڏهن ان کي استعمال ڪيو ويو هجي ها ته اڄ اسپتالن جي اهڙي صوپرتحال نه ٿئي سراج الحق الخدمت فائونديشن ۽ جماعت اسلامي جي رضاڪارن کي هدايت ڪئي ته پنهنجي علائقن ۾ غريب بستين ۾ رهندڙن طرف خاص ڌيان ڏيو ۽ سندن سحر ۽ افطار جو خيال رکيو وڇي ڀلاري مهيني رمضان ۾ راشن ورهائڻ وارو ڪم وڌيڪ تيز ڪيو وڇي ته ڪوئي غريب ۽ مسڪين امداد کان محروم نه رهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *