قومن جي اقتصادي ترقي لاءِ علائقائي استحڪام اهم آهي: نواز شريف

اوفا (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ منشيات جي اسملنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط اجتماعي رد عمل جي ضرورت آهي، علائقائي استحڪام قومن جي اقتصادي ترقي لاءِ اهم آهي، اختلاف ختم ڪرڻ حل طلب تڪرار حل ڪرڻ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هو هتي شنگهائي تعاون تنظيم جي 15 هين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته خطي کي نازڪ جگرافيائي ۽ سياسي ماحول کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، انتهاپسندي روڪٿام ۽ بارڊر سڪيورٽي ۾ اضافي جي حوالي سان پاڪستان جا مقصد ايس سي او سان هماهنگ آهن، هن چيو ته ايس سي او پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا، افغانستان ۽ سينٽرل ايشيا ۾ امن کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ فائديمند پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو، نواز شريف چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪن سان خوشگوار ۽ گڏيل طور مفيد لاڳاپن کي اسان جي پرڏيهي پاليسي ۾ ترجيحي حيثت حاصل هوندي، قومن جي اقتصادي ترقي لاءِ علائقائي استحڪام اهم آهي، هن چيو ته ايس سي او پارٽرنرز هڪ شاندار ايجنڊا رکن ٿا، اهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ علائقائي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۽ اقتصادي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اختلاف گهٽائڻ ۽ تڪرار حل ڪرڻ ۽ پنهنجي عوام جي ڀلائي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ان نموني سان شنگهائي اسپرٽ کي حقيقت طور تي عملي جامو پارائي سگهجي ٿو، وزيراعظم تنظيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي شموليت کي ايس سي او جي تاريخ ۾ اهم موڙ قرار ڏنو، هن چيو ته مون کي هن باوقار فورم ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ جو اعزاز مليو آهي، مون کي اعتماد آهي ته ايس سي او جي توسيع يوري شيائي پٽي جي بلدجندڙ سياسي منظر نامي ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ايس سي او خطي ۽ ان کان ٻاهر تجارتي لاڳاپن لاءِ زمين ۽ بحري رستا پيش ڪري ٿو هي يوري شيائي خطي کي عربي سمنڊ سان ملائڻ لاءِ ايس سي او ميمبر ملڪن لاءِ هڪ قدرتي رابطو فراهم ڪري ٿو، ايس سي او جي هڪ اهم ميمبر حيثيت روس، ايشيا ۽ يورپ جي سنگم تي واقع آهي، وزيراعظم شاندار مهمانواز تي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن جو شڪريو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *