قنديل بلوچ قتل ڪيس: مفتي عبدالقوي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

ملتان(ويب ڊيسڪ) پوليس قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ مفتي عبدالقوي جي ضمانت واري درخواست خارج ٿيڻ بعد کيس گرفتار ڪري ورتو. اڄ ملتان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت جي جج چوڌري امير محمد جي عدالت ۾ قنديل بلوچ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي ڌرين پنهنجا دليل مڪمل ڪيا جنهن بعد عدالت قرار ڏنو ته جوابدار مفتي عبدالقوي خلاف قلم 302 ۽ 109 تحت ڪارروائي ٿيندي. عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست خارج ڪئي ته ان کان اڳ ئي مفتي عبدالقوي عدالتي اڱڻ مان هليو ويو جڏهن ته عدالت جوابدار جي گرفتار جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم کان پوءِ پوليس جا سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار مفتي عبدالقوي جي گرفتاري لاءِ سندس گهر پهتا جتي اهلڪارن سندس گهر ڀرسان مدرسي جي به جهڙتي ورتي تنهن هوندي مفتي عبدالقوي اتي موجود نه هو. عدالتي حڪم بعد پوليس مفتي عبدالقوي کي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ۽ کيس گرفتار ڪري ورتو. ايس پي ملتان ڪينٽ ڊاڪٽر فهد ٻڌايو ته مفتي عبدالقوي جي گرفتاري جنهگ ويندي هاءِ وي تي عمل ۾ آندي وئي ۽ کيس هاءِ وي پوليس جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين موجب مفتي عبدالقوي کي هاڻ ملتان منتقل ڪيو پيو وڃي تي ڪيس  موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *