قنديل بلوچ جي ماءُ پيءُ پٽن کي معاف ڪري ڇڏيو، آزاد ڪرڻ جي اپيل

 

لاهور: (شوبز نيوز) ماڊل قنديل بلوچ جي ماءُ پيءُ ڌيءَ جي قتل ۾ ملوث پٽن کي معاف ڪندي کين آزاد ڪرڻ جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي.قنديل بلوچ کي سندس ڀاءُ محمد وسيم 15 جولاءِ 2016ع تي ملتان ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو. قنديل بلوچ جي پيءُ محمد عظيم بلوچ هن وقت قنديل بلوچ جي قتل جو ڪيس پنهنجي پٽ محمد وسيم ۽ ان جي دوستن حق نواز، محمد ظفر ۽ ان جي ڊرائيور عبدالباسط جي خلاف داخل ڪرايو هو. هاڻ قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ نئون موڙ سامهون اچي ويو آهي.قنديل بلوچ جي پيءُ طرفان عدالت  ۾ جمع ڪرايل حلفيه بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌيءَ جي قتل ۾ نامزد پٽن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري عدالت به کين آزاد ڪري. ماڊل جي  والدين طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌيءَ جي قتل ۾ نامزد پٽ وسيم ۽ اسلم کي الله جي واسطي معاف ڪري ڇڏيو آهي.جمع ڪرايل حلفيه بيان ۾ چيو ويو آهي ته قنديل بلوچ جي قتل ۾ غيرت جي نالي تي ٺاهيل ڪهاڻي حقيقتن  جي ابتڙ آهي. جڏهن ته ماڊل ڪورٽ جي جج صلح نامي جي بيان تي پراسيڪيوشن ۽ وڪيلن کي طلب ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *