قنديل بلوچ جي حياتي تي بالي ووڊ فلم ٺاهڻ جي تياري

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مقبول سوشل ميڊيا اسٽار قنديل بلوچ جي زندگي تي هڪ ڀارتي فلم ساز فلم ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿي.بالي ووڊ جي ايوارڊ يافتا فلم ساز النڪريتا شريواستو ۽ پروڊيوسر سني کنا، قنديل بلوچ جي زندگي تي لکيل ڪتاب جا مالڪاڻا حق خريد ڪري ورتا آهن، جنهن تي هاڻي هو فلم ٺاهيندا.قنديل بلوچ تي فلم جي ڪهاڻي سندس زندگي تي لکيل انگريزي ڪتاب ”سينسيشنل لائيف اينڊ ڊيٿ آف قنديل بلوچ“ مان ورتي ويندي.فلم کي سني کنا پروڊيوس ڪندو ۽ امڪاني طور تي فلم جي ڪهاڻي به النڪريتا شريواستو لکندي.النڪريتا شريواستو پهريان لپ اسٽڪ انڊر مائي برقعه، بامبي بيگمز، ڊولي، ڪٽي اور وه چمڪتي ستاري سميت کويا کويا چاند جهڙيون فلمون ٺاهي چڪي آهي.قنديل بلوچ کي سندس ڀاءُ وسيم 15 جولاءِ 2016 ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي پاڪستان ۾ ڊراما توڙي دستاويزي فلمون به ٺاهيون ويون هيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *