قندوز ۾ ٻئي ڏينهن به چڪريون، 16 شهرين سميت 96 ويڙهاڪ مارجي ويا

واشنگٽن (اين اين آءِ) افعانستان جي اتر شهر قندوز کي طالبان جي قبضي مان ڇڏائڻ واري ويڙهه ٻئي به جاري رهي ۽ شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ چڪريون جاري آهن چڪرين ۾ 16 عام شهرين سميت 96 ويڙهاڪ مارجي ويا، جڏهن ته 250 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، افغان فورسز جي فضائي حملن ۾ طالبان جو سربراهه ۽ ان جو نائب مارجي ويو پر طالبان ان خبر جي ترديد ڪئي آهي. جڏهن ته آمريڪا اعتراف ڪيو آهي ته قندوز تي طالبان جو قبضو افغانستان حڪومت لاءِ وڏو ڌچڪو آهي . جڏهن تهاسان کي يقين آهي ته افغان فوج شهر تي ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي قندوز ۾ موجود افغان فوج جي مدد لاءِ نيٽو جي پرڏيهي فوج جا خصوصي جٿا هاڻي شهر ۾ پهچي ويا انهن جي مدد لاءِ نيٽو جي پرڏيهي فوج جا خاص جٿا به هاڻي شهر ۾ پهچي ويا، هوڏانهن افغان صدر اشرف غني چيو آهي ته سڪيورٽي فورسز ڪجهه سرڪاري عمارتن تان طالبان جو قبضو ڇڏائي ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *