قلم 144 ۽ 44 جا ٽڪرا ڪرڻ جو اعلان، ماءُ جو جنازو ڇڏي توهان جي لاءِ قيد ڪاٽيم: شيخ رشيد

اسلام آباد(م.ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سڀاڻي منجهند قلم 144 ۽ 44 جا ٽڪرا  ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڌرڻو روڪڻ لاءِ حڪومت گرفتارين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جيڪو وڻي ڪريو، 2 نومبر تي راولپنڊي به بند ٿيندو.  هن چيو ته آئون عدالت نه ويندس، گرفتارين ذريعي حڪومت راند شروع ڪري ڇڏي آهي، جيل ويس روزاني رات جو 8 کان 10 وڳي تائين پروگرام ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته هتي حالتون خراب ٿي ويون ته هي لنڊن هليا ويندا، جيل ڀيڙو ٿيس ته پاناما ليڪس تي ڪتاب لکندس.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ماءُ جو جنازو ڇڏي توهان جي لاءِ قيد ڪاٽيم، اوها کي شرم اچڻ گهرجي. عمران خان جيڪو به فيصلو ڪندو ان تي پورو لهنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 3 نومبر تي ڌرڻي لاءِ اڄ راولپنڊي ۾ وارم اپ ميچ ٿيندو. اسلام آباد سان گڏ راولپنڊي به بند ٿيندو. پي ٽي اي جا ڪارڪن به 2 نومبر تي اسان سان گڏ هوندا، حڪومت ڪارڪنن جون گرفتايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪنهن سان به ڪو به مسئلو ٿي پوي ته لال حويلي حاضر آهي، اسان جي ڀاڻجن جي گهرن تي به ڇاپا هنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته لال حويلي کي وويمن يونيورسٽي بڻائڻ جي وصيت ڪري ڇڏي آهي. لال حويلي ڪالهه به اسان جي هئي ۽ اڄ به اسان جي آهي. عمران خان جي هر فيصلي تي عمل ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *