ميڊيڪل بورڊ جو اجلاس: تشدد سبب مفلوج بڻيل نينگر جو علاج پرڏيهه مان ڪرائڻ جي تجويز

ڪراچي (اين اين آءِ) ميڊيڪل بورڊ لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تشدد جو شڪار ٿيندڙ شاگرد احمد کي علاج لاءِ پرڏيهي ملڪ موڪلڻ جي سفارش ڪئي آهي تفصيل موجب ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تشدد جو شڪار ٿيندڙ شاگرد جو ميڊيڪل بورڊ طبي معائنو ڪيو جنهن کان پوءِ بورڊ شاگرد کي علاج لاءِ پرڏيهي موڪلڻ جي سفارش ڪئي جڏهن ته رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن موڪلي ويندي ذريعن موجب ميڊيڪل بورڊ چيو آهي ته محمد احمد جي ڳچي تي ڌڪ لڳل آهن جڏهن ته ان جي دماغ کي آڪسيجن نه ملي رهي آهي ان فيزيوٿراپي نجي اسپتال ۾ جاري آهي ۽ ان کي جاري رکيو وڃي ٻئي طرف احمد جي والد جو چوڻ هو ته هو پٽ جي علاج مان مطئن آهي جڏهن ته احمد سان بورڊ پاڻ ڄاڻ حاصل ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *