قصور واقعو انسانيت جي ذلت ۽ وحشت جي بدترين مثال آهي: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق قصور ۾ ننڍڙي ٻارڙي جي اغوا ۽ زيادتي بعد قتل جي سخت مذمت ڪندي ان کي انسانيت جي ذلت ۽ دردنگي جو بدترين مثال قرار ڏنو آهي. هن چيو ته قصور ۽ ڀرپاسي ۾ مسلسل اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن پور حڪمران انڌا ٻوڙا ۽ گونگا آهن، لڳي ٿو ته حڪمرانن کي عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي ڪا به پرواهه ناهي ۽ کين رڳو اقتدار جي پريشاني آهي، معصوم نينگري کي چيڀاٽڻ وارا انسان نه پر جانور آهن. هنن کي سندن ڏوهه جي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن 2015ع وارن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي عبرت جو جو نشانو بڻائجي ها ته 2016ع ۾ قصور شهر ۾ 12 ننڍڙين ٻارڙين جي اغوا ۽ قتل جا واقعن کان بچي سگهجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *