قريشي صاحب توهان جي حڪومت عوام جو اعتماد وڃائي چڪي، هاڻي اوهان گهر وڃڻ جي تياري ڪريو: ناصر شاھ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ هر طرف کان شڪست بعد هاڻي ڏکڻ پنجاب جي شوشي ۾ لڪڻ چاهي ٿي، اِها ڳالهه مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي ميڊيا بيان تي ردعمل ڏيندي چئي، سيد ناصر شاهه چيو ته قريشي صاحب توهان جي حڪومت عوام جو اعتماد وڃائي چڪي آهي، هاڻي اوهان گهر وڃڻ جي تياري ڪريو، صوبائي وزير چيو ته شاهه محمود قريشي جي ميڊيا بيان ۾ بيوسي، بوکهلاهٽ ۽ دماغي حالت واضح هئي، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو ته اوهان عدم اعتماد تحريڪ کان جيترو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪريو پر مخالف ڌر اوهان کي ڀڄڻ نه ڏيندي، هن چيو ته عمران خان پاڻ کي پوپائي دي سيلر مين جو ڪردار سمجهي 27 مارچ تي وڏو اعلان ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته، نه عمران خان وٽ پوپائي وارو پالڪ جو دٻو آهي نه ئي اها سمجهه اٿس، سيد ناصر شاهه چيو ته پوپائي فڪشن ۾ کٽي ويندو هو توهان حقيقت آهيو ۽ حقيقت ۾ هارائي ويا آهيو، سيد ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته عمران خان جي ٽرمپ ڪارڊ ۾ مونکي استعيفيٰ نظر اچي رهي آهي، صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان کي ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ مهمان اداڪار طور ياد رکيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *