قرض وٺندڙن ۽ سمورن چورن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ڪرپٽ ماڻهو جا هٿ ٻڌل ڏسڻ چاهيون ٿا: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ان جي عوام کي نئون 45 هون صدر مبارڪ هجي، اسان اميد رکون ٿا ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن کٽڻ کانپوءِ پنهنجي قومي ۽ بين الاقوامي ذميوارين سبب سوچ ۾ تبديلي آڻيندو ۽ هڪ ذميوار آمريڪي صدر هجڻ جو ثبوت ڏيندو، هن چونڊ مهم ٽين دنيا خاص طور تي مسلمانن جي باري ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ صدر بڻجڻ کانپوءِ جيڪو ارادو ڪيو ان جي پيش نظر اسلامي ملڪن ۾ اتحاد يڪجهتي ذريعي اسلام ۽ مسلمانن جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن مسلم حڪومتون ۽ عوام پنهنجي دارومدار تي ۽ گڏيل اتحاد جي حڪمت عملي نه اختيار ڪئي ته اسان جون آزمائشون پهريان کان وڌي وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *