قرضن بابت رپورٽ تيار، اربين روپيا ڪرپشن جو انڪشاف

اسلام آباد (اين اين آءِ) قرضن تي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تيار ڪئي وئي جيڪا ايندڙ هفتي وزيراعظم آفيس ۾ جمع ڪرائي ويندي، ذريعن موجب رپورٽ تيار ڪرڻ ۾ 9 مهينا لڳا جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 2 درجن سان لاڳاپيل 3 سئو ماڻهن 2008 کان 2018 جي وچ ۾ ورتل اربين رپين جي قرض جو غلط استعمال ڪيو، انڪوائري ڪميشن آن ڊيٽ جي رپورٽ ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن ۾ ڪڪ بيڪس، اختيارن جو ناجائز استعمال، ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، ڪميشن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته قرضن جي مد ۾ پيسا ڪيئن مشڪوڪ انداز ۾ سرڪاري آفيسرن، پرائيويٽ ٺيڪيدارن، سياستدان، پ پ ۽ ن ليگ جي حڪومتي دورن ۾ وزيرن جي خانگي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيا، انڪوائري ڪميشن 23 ادارن سان لاڳاپيل 2 سئو اهم ماڻهن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن 220 خانگي اڪائونٽس ذريعي 150 منصوبن مان 450 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي انهن مان گهڻن جون وفاداريون ن ليگ، پ پ ۽ تحريڪ انصاف سان ٻڌايون ويون آهن، انڪوائري ڪميشن کي انڪوائري ايڪٽ تحت حڪومت جي حاصل ڪيل 420 پرڏيهي قرضن جو مڪمل رڪارڊ حاصل ڪيو، ڪجهه تڪراري منصوبن تي انڪوائري ڪميشن جو خاص ڌيان رهيو، جيئن بي آر ٽي پشاور پروجيڪٽ جنهن جي لاڳت 30 ارب رپين مان وڌي 75 ارب رپيا، نيلم جهلم پاور پروجيڪٽ جي لاڳت 84 ارب رپين مان وڌي 5 سئو ارب رپين تائين ٿي، ڪميشن قرضن ۽ رهتن ۾ واڌ جو جائزو ورتو، جيڪو 2008 ۾ 6690 ارب رپين مان وڌي سيپتمبر 2018تائين 3046 ارب رپيا ٿي ويا، ڪميشن جن منصوبن جو تفصيل حاصل ڪيو انهن ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جا 25، لنواري ٽنل سميت مواصلات جا 85 منصوبا شامل آهن، پورٽس اينڊ شپنگ، ريلوي جا 56، ايڇ اي سي جا 285، صحت جا 78، آءِ ٽي جا 203 ۽ ٻين کاتن جا منصوبا شامل آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *