قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيتي ادارن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيتي ادارن جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي ته جئين اهڙي قسم جي حادثي سان ٿيندڙ نقصان کي محدود ڪري سگهجي، صدر اها ڳالهه يونيورسٽي آف ڊبلن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي، ان موقعي تي حلال احمر پاڪستان جو چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الاهي مجود هو، صدر پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ جي تربيت ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ يونيورسٽي جي تعاون جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ڪئي ته آئرلينڊ پاران پاڪستان سان تعاون جو هي سلسلو جاري رهندو، صدر چيو ته پاڪستان کي نين بيمارين ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيتي يافته عملي جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر سعيد جي قيادت ۾ انجمن حلال احمر خاص خدمتون ادا ڪري رهي آهي، هن هدايت ڪئي ته انهن سرگرمين کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *