قتل ۾ ملوث آفيسرز مزا ماڻي رهيا آهن، زمينن تي قبضا ڪري غريبن جو مال کائي رهيا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آءِ جي سنڌ کي ڇنڊ

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏوهن ۾ ملوث پوليس آفيسرن جي مقررين تي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته قتل ۾ ملوث ايس ايڇ اوز به عهدن تي مزا ماڻي رهيا آهن، انسپيڪٽر منظور چانڊيو ٽن ماڻهن کي قتل ڪيو ۽ غريبن سان ٺاهه ڪيو، هن کي موت جي سزا ٿي هئي، ٺاهه جو مقصد بريت نه ڏوهه جو اعتراف آهي، عدالتي حڪم جي باوجود پوليس انسپيڪٽرز کي قانون موجب ترقيون نه ڏيڻ جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر عدالت ۾ پيش ٿيو، آءِ جي سنڌ جي تڪراري بيان تي عدالت سندس مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،  جسٽس آفتاب ڳورڙ آءِ جي سنڌ کي چيو ته تون فورس جو سربراهه آهين، ڏوهاري پوليس آفيسرن جي خلاف ڪارروائي توهان جي ذميواري ناهي؟، توهان جا آفيسر زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن ۽ غريبن جو مال کائي رهيا آهن، ڇا ڏوهن ۾ ملوث آفيسرن کي فري هينڊ ڏنو ويو آهي جيڪي پنهنجي مرضي جي پوسٽنگ به وٺندا آهن. عدالت جي لاڳيٿو ڇنڊ پٽڻ تي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر خاموش رهيو ۽ مٿو لوڏيندو رهيو، عدالت کيس حڪم ڏنو ته سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي سينيارٽي لسٽ 17 مارچ تي پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن لسٽ موجب ترقيون ثابت نه ٿيون ته هتي ئي تنهنجي مٿان فرد جرم لاڳو ڪنداسين، معزز جج چيو ته اسان گهڻو ساده ڳالهه ڪري رهيا آهيون، عملدرآمد رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ٻين ملڪن جيان ڪي پي ۾ به پوليس رولز 1934 تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ٻي ۽ هتي ٻي لسٽ پيش ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي سيڪريٽري سروسز چيو ته درخواستگذارن جي ترقي جي حوالي سان 12 مارچ تي ميٽنگ ٿي هئي، جنهن تي عدالت درخواستگذارن جي وڪيل کي سپريم ڪورٽ کان لسٽ حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *