قتل جا هزارين ڪيس بحث هيٺ آهن پر ممتاز قادري جي ڪيس ۾ تيزي ڏٺي وئي: مولانا فضل رحمان

لاهور (اين اين آءِ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي مرڪزي امير مولانا فضل رحمان ممتاز قادري جي ڦاهي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي ڦاهي جي قدمن جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته حيرت ان ڳالهه تي آهي ته قتل جا هزارين ڪيس بحث هيٺ آهن پر ممتازي قادري جي ڪيس ۾ تيزي ڏيکاري وئي آهي، مرڪزي ميڊيا آفيس مطابق هو پارٽي اڳواڻن مولانا امجد خان، حاجي سمش رحمان سمشي، محمد اسلم غوري، محمد مفتي ابرار سان ٽيليفون تي ڳالهائي رهيو هو، هن چيو ته ملڪ ۾ قانون عجيب آهي، ريمنڊ ڊيوس جنهن وطن جي رهواسين کي شهيد ڪيو پر ان کي رات جي پهر ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول ڏئي آمريڪا روانو ڪيو ويو، ريمنڊ ڊيوس قاتل هوندي قانون کان مٿانهون ٿي سگهي ٿو ته ممتاز قادري قانون ڇو لازم آهي، هن چيو ته ممتاز قادري دنيا مان لاڏاڻا ڪري ويو پر هو مسلمانن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو، هن چيو ته اولهه وارن کي راضي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *