قبضا ڪراچي لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن، اڪائونٽ نه کولرائيندڙ ملازمن کي پگهار نه ملندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قبضا ڪراچي شهر لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن. انهن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. بلدياتي ادارن جا جيڪي ملازم اهو چون ٿا ته هو پگهارن لاءِ بئنڪ اڪائونٽس نه کولرائيندا ته کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته انهن کي پگهار به ملندي. اسيمبلي ميمبر به صفائي مهم ۾ آفيسرن کي هدايتون ڏئي سگهن ٿا. هو اربع تي متحده قومي موومينٽ جي عورت ميمبر ارم عظيم فاروق ۽ اپوزيشن ليڊر شهر يار خان مهر جي ڌيان ڏياريو نوٽيس تي بيان ڏئي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صرف سول اسپتال ۾ ئي نه بلڪ پوري شهر ۾ قبضا موجود آهن. ماڻهن ڪنڪريٽ سان اڏاوت ڪري قبضا قائم ڪري ورتا آهن. ڪجهه ماڻهن فٽ پاٿن، رستن، آئي لينڊز ۽ گرين بيلٽس کي پيءُ جي جاگير سمجهي رکيو آهي. رڪشائن چنگچي، پٿارن ۽ ريڙهن جي ڪري رستا بلاڪ ٿي وڃن ٿا. اسان ڪراچي جي علائقي صدر ۾ قبضن خلاف مهم شروع ڪئي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ماڻهن فائرنگ به ڪئي آهي، پر اسان روزانو جي بنياد تي قبضا هٽائي رهيا آهيون. ڪلفٽن جي علائقي ۾ گرين بيلٽس  تي ريسٽورنٽس ختم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسان قبضا هٽائڻ لاءِ ان ڳالهه کي به نظر رکي رهيا آهيون ته غريب ماڻهن جو ڪاروبار متاثر نه ٿئي ۽ کين متبادل جاءِ فراهم ڪئي وڃي، پر نالن تي به ماڻهن چار چار منزلا عمارتون ٺاهي ورتيون آهن. هن چيو ته قبضا هٽائڻ لاءِ عوام اسان جو ساٿ ڏي. ايئن نٿو ٿي سگهي ته جنهن جو جڏهن ۽ جتي دل چاهي اهو پٿارا لڳائي ڇڏي. هن چيو ته اسان بل بورڊز ۽ وال چاڪنگ به ختم ڪنداسين. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جي مهم ڪامياب وڃي پئي ۽ اسان جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو نظر اچي رهيو آهي اسان مين شاهراهن کي صاف ڪري ڇڏيو آهي. گهٽين جي صفائي لاءِ آفيسرن هڪ هفتو گهريو آهي. اسان بلديه عظميٰ ڪراچي جون گاڏيون ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنز کي ڏئي ڇڏيون آهن ڇو ته صفائي انهن جي ذميواري آهي. هن چيو ته اسان ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت هر هنڌ قبضا هٽائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسان انهن بل بورڊز کي به هٽائينداسين جيڪي قبضن جي زمري ۾ اچن ٿا. اسان جلد سمورا بل بورڊز هٽائينداسين. جن رستن تي وڌيل بل بورڊز نظر اچن ٿا اهي ڪنٽونمينٽ بورڊز جي حد ۾ اچن ٿا. هن چيو ته اسان جي نيت صاف آهي ۽ اسان جو ڪم نظر ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *