قبائلي هاڻ وظيفي لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ استعمال ڪري سگهن ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه اعلان ڪيو آهي ته فاٽا جا قبائلي هاڻ وطن ڪارڊ بدران پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي ذريعي وظيف  حاصل ڪري سگهندا. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي سربراهه ميجر جنرل آصف غفور سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته آرمي چيف فاٽا جي قبائلي ڀائرن کي سهولت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پهرين عارضي طور تي بي گهر ٿيل فاٽا جي عوام کي معاوضي لاءِ سڃاڻپ طور ڪارڊ جاري ڪيا هئا پر هاڻ انهن کان تصديق لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ورتا ويندا. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته جن ماڻهن وٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ناهن اهي 31 مئي 2018ع تائين پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي وٺن ۽ ان دوران هو وطن ڪارڊ استعمال ڪري سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *