قانون ۽ ملڪ دشمني ڪندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪنداسين: وڏو وزير

ڳڙهي خدابخش (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادع لي شاهه چيو آهي ته مڪاني نمائندن کي گاڏيون انهن جي ضرورت لاءِ ڏنيون پيون وڃن انهن جي مرضي وٺن يا نه وٺن ڪراچي ڊي ايم سيز ۾ ڪچرو کڻندڙ گاڏيون پهريان کان ئي موجود آهن جن کي تباهه ڪيو ويو آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميان نواز شريف جو سنڌ ۾ اچڻ سٺي ڳالهه آهي ان کي پهريان ئي سنڌ ۾ اچڻ گهرجي ها وڏي وزير اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۾ ڪچرو کڻندڙ گاڏيون خراب آهن انهن کي تباهه ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ڪچرو کڻندڙن لاءِ نين گاڏين جي ڳالهه به نه ڪئي جڏهن ته اهو چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ جي ضلعن جي وائيس چيئرمينن کي استعمال لاءِ نيون گاڏيون ڏنيون ويون هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا جيڪي به ماڻهو قانون يا ملڪ دشمني ڪندا انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان خاطري ڪرائي آهي ته ان جو نه ته ايم ڪيو ايم جي باني سان تعلق آهي ۽ نه ئي لنڊن جي هدايتن تي عمل ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *