قانون ٽوڙيندڙن خلاف سخت قدم کنيو ويندو: مراد علي شاهه

بدين (اين اين آءِ) پ پ پ جي مرڪزي اطلاع واري سيڪريٽري مولابخش چانڊيو بدين پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) هڪ صوبي جي اڪثريت تي سڄي پاڪستان تي حڪومت ڪري رهي آهي جڏهن ته ننڍا 3 صوبا نواز ليگ کي رد ڪري چڪا آهن هن چيو ته نوازشريف حڪومت جون پاليسيون ننڍن صوبن جي عوام ۾ احساس محرومي پيدا ڪري رهي آهي جنهن جا نتيجا ايندڙ وقت ۾ نقصان ڏيندڙ ٿي سگهن ٿا هن چيو ته آدمشماري اين ايف سي ايوارڊ پاڻي ۽ گئس جي مسئلن تي وفاقي حڪومت سنڌ سان ناانصافي ۽ زيادتي ڪري رهي آهي ننڍن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ وفاقي حڪومت جنهن انداز ۾ آدمشماري جي شروعات ڪئي آهي ان تي سنڌ کي سخت خدشا آهن وفاقي حڪومت جا اهڙا قدم شڪ ۽ شبهو پيدا ڪري رهيا آهن ته وفاقي حڪومت هڪ سازش جي تحت ننڍن صوبن جي آبادي کي گهٽ ظاهر ڪرڻ چاهي ٿي. مولابخش چانڊيو چيو ته چوڌري نثار ۽ عمران خان کي صرف ماڊل ايان علي هر ڀيري ياد اچي ٿي خبر ناهي ته انهن سان ان جو ڪهڙو رشتو آهي ۽ هڪ صوبي تي ووٽن تي پاڪستان جو حڪمران مقرر ڪرڻ ٽن صوبن سان زيادتي آهي وفاقي حڪومت ۾ صوبن جي نمائندگي ضروري آهي هن چيو ته مسلم ليگ سنڌ جي صدر اسماعيل راهو جي پ پ پ ۾ شموليت جي ان کي ڪابه خبر نه آهي ۽ حقيقت اها آهي ته مسلم ليگ (ن) صرف پنجاب جي پارٽي آهي. ۽ ان جا سمورو ڌيان صرف پنجاب ڏانهن آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *