قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو مختلف علائقن ۾ ٽارگيٽيڊ ڪارروائيون، سياسي پارٽي جي ڪارڪنن سميت 50 کان وڌيڪ گرفتار

ڪراچي (اين اين آءِ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون مختلف علائقن ۾ ٽارگيٽيڊ ڪارروايون سياسي پارٽي جي ڪارڪنن سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته گارڊن شو مارڪيٽ مان گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا تفصيل مطابق ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس جون ڪارروايون جاري آهن ڪارروائين دوران 50 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا.  رينجرز ملير جناح اسڪوائر ويجهو ڇاپو هنيو سياسي جماعت جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو هوڏانهن پوليس سچل جي علائقي بکر ٽائون ۾ سرچ آپريشن ڪري 45 ماڻهو گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪري ورتي اهي اورنگي ٽائون جي علائقي پاڪستان بازار ۾ پوليس مقابلي کان پوءِ پابندي پيل تنظيم جي جوابار عليم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ان جو ساٿي فرار ٿي ويا جوابدار وٽان هٿيار ڊيٽونيٽر ۽ بال بم هٿ ڪيو ويو آهي مومن اباد جي علائقي ۾ پوليس منشيات وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪري ورتي جڏهن ته جوابدار جا ٻه ساٿي ٻه ڪلوگرام چرس ۽ موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا ٻئي پاسي گارڊن شو مارڪيٽ ۾ رينجرز ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن ڇاپو گلستان شميم مان گرفتار ڪيل سياسي پارٽي جي عهديدارن جي نشاندهي تي هنيو ويو ڪراچي جي علائقي ملير جناح اسڪوائر ويجهو رينجرز مسجد تي ڇاپو هڻي پيش امام ريحان چشتي سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو جنهن کان پوءِ علائقي واسي ۽ گهرڀاتين سخت احتجاج ڪيو رينجرز ۽ علائقي واسين جي ڪامياب ڳالهين کان پوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اسان جي رينجرز عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن جو چوڻ آهي ته قانوني ڪارروائي کان پوءِ پيش امام کي ڇڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *