قانون سان ٽڪراءُ جوڳي شئي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م.ڊ) سپريم ڪورٽ نيب ۾ غيرقانوني ڀرتين  خلاف پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس ۾ نيب کان سمورن آفيسرز جي مقرري ۽ ترقي جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي،جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب ۾ چيئرمين جي صوابديد تي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، قانون سان ٽڪراءُ جوڳي شئي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو. اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ نيب ۾ ڀرتين بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت اٽارني جنرل طلب ڪري کيسعدالت جي معاونت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ايترا اختيار ته پبلڪ سروس ڪميشن وٽ به ناهن جيترا نيب وٽ آهن، نيب ۾ ڊيپوٽيشن آفيسرز جي ضم ٿيڻ جو جائزو ورتو ويندو. جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب قومي خزاني مان پگهارون کڻي ٿي يا پرائيويٽ ڪمپني کان؟  نيب ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر ملازم ضم ڪيئن ٿا ٿي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *