قانون جو احترام آهي نه ته هوٽل ۾ سمورن ڪرپٽن کي بندڪري پيسا وصول ڪري ڇڏيون ها: شهزاد اڪبر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته قانون جو احترام آهي نه ته هوٽل ۾ سمورن ڪرپٽن کي بندڪري پيسا وصول ڪري ڇڏيون ها. اسلام آباد ۾ شهزاد اڪبر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهباز شريف کان 16 سوال پڇيا هئا تڏهن کان ٽوپيون پائي پيو گهمي، نواز شريف جڏهن ملڪ ۾ هيو ته ٽويٽر تي روز پلٽيليٽس جي رپورٽ ايندي هئي، هاڻ لنڊن ۾ آهي ته پنجاب حڪومت کي هن جون تازيون رپورٽون نه پيون ڏنيون وڃن، ائين نٿو هلي سگهي توهان لنڊن ۾ گهمندا رهو ۽ اسان انتظار ڪندا رهون، منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان ۾ به ٻين ملڪن وارو نظام هجي ته هڪ وڏي هوٽل وٺي ان ۾ سمورن ڪرپٽن کي بند ڪيون ۽ انهن کان پيسا وصول ڪري ئي انهن کي واپس ڪڍون پر اسان کي ملڪي قانون جو احترام ڪرڻو آهي.  شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته نواز شريف پنجاب ڪو آپريٽو بينڪ مان 105 ملين رپين جو قرض ورتو ۽ وزير اعظم بڻجڻ کان پوءِ قرض معاف ڪرايا، پنجاب ڪارپٽ نامي ڪمپني به 65 ملين جو قرض شريف فيملي کي ڏنو، شريف خاندان جي ڊيشرون جرسي لميٽڊ آف شور ڪمپني آهي جنهن مشينري خريدڻ جي لاءِ 15 ملين ڊالر قرض ڏنو، ان رقم مان نه مشينري پاڪستان آئي نه ئي رقم آئي، ان ڊيل جي آڙ ۾ 20 ملين ڊالر پاڪستان مان موڪليا ويا، اڄ تائين شريف خاندان شيڊرون جرسي ڪمپني جي ڪا قانوني حيثيت ناهي ٻڌائي. شهزاد اڪبر نيو اسلام آباد ايئرپورٽ جو ٺيڪو نواز شريف جي مائٽ کي ڏنو ويو جنهن مان چوڌري شگر ملز ۾ پيسا آيا، ان ملز جي لاءِ ڪوڙن اڪائونٽن مان پيسا ورتا ويا، صديقيه سيد جي نالي تي 18 ملين ڊالر جي ۽ سعودي شهري جي نالي تي ڏيڍ ملين ڊالر جون ڪوڙيون ٽي ٽيز چوڌري ملز جي لاءِ بڻايون ويون، شيئرز کي مڪس ڪري پهرين نواز شريف پوءِ مرمي نوا جو نالي ڪيو ويو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *