قانون تحت انسان کي ڦاهي ڏئي سگهجي ٿي لاش کي ڦاهي ڏيڻ ممڪن ناهي، جج خلاف انڪوائري ٿيڻ گهرجي: اعتزاز احسن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قانون جي ماهر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته پاڪستان جي قانون تحت انسان کي ڦاهي ڏئي سگهجي ٿي لاش کي ڦاهي ڏيڻ ممڪن ناهي، جج جي خلاف انڪوائري ٿيڻ گهرجي. تفصيل موجب قانون جي ماهر اعتزاز احسن خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته انسان کي ڦاهي ڏئي سگهجي ٿي پر لاش کي نه، ان قسم جو آرڊر لکڻ تي جج جي خلاف انڪوائري ٿيڻ گهرجي، لاڳاپيل جج جي سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ انڪوائري ٿيڻ گهرجي. اعتزاز احسن چيو ته فيصلي تي سپريم ڪورٽ کي سوموٽو نوٽيس وٺڻ گهرجي، تفصيلي فيصلو جاري ڪندڙ جج جي قانوني صلاحيت کي ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته وڪيل مارچ جي وقت جنرل ڪياني جو فون آيو هو، مون کي رڳو گذارش ڪئي هئي ته ڪٿي بيهي وزير اعظم کي ٻڌي وٺو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *