قائم علي شاهه ۽ خورشيد شاهه جي علي نواز شاهه سان سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ملاقات،ا پيل داخل ڪرڻ تي مشاورت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سينٽرل جيل  ڪراچي ۾ اڳوڻي صوبائي  وزير علي نواز شاهه سان  ملاقات ڪري اپيل داخل ڪرڻ لاءِ مشاورت ڪئي، وڏي وزير قانوني واري کاتيکي اپيل داخل جي هدايت ڪئي آهي. سيد قائم علي شاهه ۽ خورشيد شاهه سينٽرل جيل وڃي علي نواز شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران اپيل داخل ڪرائڻ واري معاملي تي مشاورت ڪئي وئي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه قانوني واري کاتي کي اپيل داخل ڪرائڻ جي   هدايت ڪندي چيو آهي ته علي نواز شاهه کي مليل سزا خلاف اپيل داخل ڪرائيندڙ وڪيلن سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي.  ڪراچي جي احتساب عدالت گذريل ڏينهن علي نواز شاهه، سندس سئوٽ خادم علي شاهه ۽ سندس ڀاڻيجي امتياز علي شاهه کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کانپوءِ ٽنهي کي گرفتار ڪري سينٽرل جيل موڪليو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *