قائم علي شاهه ۽ آغا سراج دراني وچ ۾ ملاقات، پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون قبول نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن فيصلو ڪيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جون استعيفائون ان وقت تائين منظور نه ڪيون وڃن جيستائين وفاق ان جي قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون قبول نه ٿي ڪري ٻنهي اڳواڻن اهو به فيصلو ڪيو ته جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ ميمبرن استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن پر انهن جون استعيفائون منظور نه ٿيون آهن ان لاءِ انهن کي اسيمبلي ميمبرن واري پگهار ۽ ٻيون مراعتون بدستور ملنديون رهنديون هنن چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته پي ٽي آءِ جا جيڪي ميمبر استعيفيٰ ڏنا آهن انهن کي واپس اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ راضي ڪري سگهون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *