قائد اعظم جي مزار تي سيڪيورٽي خدشن سبب حفاظت انتظام سخت ڪيا ويا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قائد اعظم جي مزار تي سيڪيورٽي خدشن سبب حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ داعش جو نيٽ ورڪ سامهون آيو ته ان خلاف ٻين دهشتگردن وانگر ايڪشن وروتو ويندو، ڪراچي آپريشن تي وفاقي حڪومت تعاون ۾ آهي، نه صرف زباني دعوا ڪيا آهن، 12 ڊسمبر تي پي ٽي آءِ جا ماڻهو پرامن احتجاج ريڪارڊ ڪرائين، سنڌ حڪومت قانون هٿ ۾ کڻندڙن سان سختي سان منهن ڏيندي، شهرين ۽ ٽرانسپورٽرن کي 12 ڊسمبر تي هر قسم جي سيڪيورٽِي مهيا ڪئي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهارهن قائد اعظم جي مزار تي سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ حاضري ڀرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي ڪشمنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ايڊمنسٽريٽر رئوف احمد فاروقي به ساڻس گڏ هئا، واضح رهي ته قائد اعظم جي مزار تي ميڊيا جي وڏي تعداد وفاقي اطلاع واري وزير پرويز رشيد جي اچڻ جي اطلاع تي اتي موجود هو ۽ مزار تي ان حوالي سان سيڪيورٽي سخت ترين اتنظام ڪيا ويا هئا ۽ مزار کي عام شهرين لاءِ بند ڪيو ويو هو، شرجيل انعام ميمڻ مزار تي مهمانن جي ڪتاب ۾ تاسر به لکيا. هن چيو ته وڏي وزير جي هدايت تي قائد اعظم جي مزار تي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ آيو آهيان، ان ڪري رينجرز جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا مستقل طور مقرر رهندي، هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن لاءِ جيڪي واعدا ڪيا هئا انهن کي پورو نه ڪيو ويو، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي مطالبو ڪيو آهي ته آپريشن جا خرچ نه پر سيڪيورٽي ادارن کي جن شين جي ضرورت آهي اهي مهيا ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *