قائدِ ايوانَ ۽ قائدِ حذب اختلاف جي ملاقات، چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وچ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ٽيون ڀيرو ٿيندڙ ملاقات ۾ به اتفاق نه ٿي سگهيو آهي. وزيراعظم سان خورشيد شاهه ملاقات ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار به موجود هيو. هڪ ڪلاڪ کان مٿي هلندڙ ملاقات دوران چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي مشاورت ڪئي وئي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وزيراعظم کي هڪ ٻيو نالو پيش ڪيو جنهن تي به اتفاق نه ٿي سگهيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 5 ڊسمبر کان پهرين اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جو معاملو ڪيو ويندو جڏهن ته انهيءَ لاءِ وزيراعظم سان ڪجهه نون ۽ ڪجهه پراڻن نالن تي مشاورت ڪئي وئي پر سپريم کي 5 ڊسمبر کان پهرين اٽارني جنرل ذريعي چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي کان آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي سڀاڻي ٻيهر وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي هن وقت ڪنهن به نالي کي عام نه ڪيو ويندو ڇو ته شريف ماڻهو ڀڄي وڃن ٿا. مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد ساهه جي مطالبي تي وزيراعظم نواز شريف تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي مخالف ڌر جي  اڳواڻ خورشيد شاهه چيو  آهي ته وزيراعظم سان ان جي ملاقات دوران خزاني وارو وزير اسحاق ڊار به اتي موجود هو جنهن کي وزيراعظم ڳالهيون اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪئي هن ڇيو ته پئٽرول جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي گنجائش آهي وزيراعظم کي چيو آهي ته وڌيڪ 6 روپيا قيمت گهٽ ڪيو، خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم اسحاق کي چيو ته ڳالهين جو عمل جاري رکيو وڃي هن چيو ته احتجاج ڪري سگهجي ٿو ڪنهن ۾ به طاقت ناهي ته اسنا جي ملڪ پاڪستان کي بند ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *