ف ليگ اڳواڻ سائره نصير جو قاتل سندس پٽ نڪتو، ايس ايس پي جي دعويٰ

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي پير محمد شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ سائره نصير جو قاتل سندس پٽ ئي آهي. تفصيل موجب هلندڙ مهيني فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ سائره نصير کي بي دردي سان قتل ڪرڻ پوءِ کيس گاڏي سميت ساڙيو ويو هو ۽ 7 ۽ 8 ڊسمبر جي وچولي رات سندس سڙيل لاش هٿ ٿيو هو. سائره نصير قتل ڪيس هاڻ رخ اختيار ڪيو آهي ۽ سندس ئي پٽ فهد شاهه قتل جو جوابدار قرار ڏنو ويو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد پير محمد شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سائره نصير قتل ڪيس هڪ چيلينج هو، ان حوالي سان ڪيترن ئي ماڻهن کان جاچ ڪئي وئي ۽ بدقسمتي سان قتل جي حوالي سان مقتولا جي گهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيميرائن ۾ ويڊيو قتل جي هڪ ڪلاڪ اڳ تائين ئي هئي. هن چيو ته سائره نصير جي ويجهين ڌرين ۽ پاڙيسرين کي پهرين ئي ڏينهن کان سندس گهر جي ماڻهن تي شڪ هو تنهن هوندي حڪتم عملي جي تحت پوليس طرفان سائره نصير جي فيملي کي تنگ نه ڪيو ويو ۽ نه ئي انهن کان جاچ ڪئي وئي. ايس ايس پي پير محمد ٻڌايو ته گذريل رات جاچ جي حوالي سان سائره نصير جي پٽ فهد شاهه کي ٿاڻي طلب ڪيو ويو جاچ دوران جوابدار ٻڌايو ته هن هر روز ماءُ سان تلخ ڪلامي ٿيندي هئي ۽ قتل جي رات به تلخ ڪلامي وڌي هٿين پوڻ تائين پهتي هئي. جوابدارن جو چوڻ هو ته آئون ماءُ جي ڪمري ۾ قتل جي ارادي سان نه ويو هيس پر ماءُ سان سندس گهرواري جي حوالي سان تلخي ٿي جنهن تي ماءُ مون کي چمات وهائي ڪڍي ۽ مون کي ڪاوڙ اچي وئي، غصي جي صورت ۾ مون رنڌڻي مان اوزار کنيو ۽ ماءُ جي مٿي تي وهائي ڪڍيو، ڌڪ جي شدت سبب هوءَ هيٺ ڪري پئي ۽ تڙپڻ لڳي ۽ بعد ۾ هوءَ مري وئي. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته جوادبدار کي ڪيترائي ثبوت ملڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو جنهن مان هڪ سندس گهر ڀرسان ٻئي گهر مان مليل سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ سائره نصير جي گاڏي جو ٽريڪر هو جنهن مان خبر پئي ته قتل جي رات 12 مقتولا جي گاڏي جو دروازو رڳو 2 منٽن لاءِ کليو ۽ بند ٿي ويو ۽ ان دوران جوابدار پنهنجي ماءُ جو لاش گاڏي جي پوئين سيٽ تي رکيو، رات 2 وڳي جوابدار گاڏي کي تيزي سان هوسڙي موڙ وٽ ڪاهي آيو ۽ اتي وڃي تقريبن 7 منٽن تائين ريڪي ڪندو رهيو ۽ بعد ۾ هن پيٽرول هاري گاڏي کي باهه لڳائي ڇڏي. پوليس کي مقتولا جو سڙيل لاش 7 ڊسمبر تي مليو جنهن کي وارن ۽ منڊين جي ذريعي سڃاتو ويو ۽ بعد ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي به تصديق ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *