فٽبال چيمپين ليگ: چيلسي ۽ ليورپول ميچ کٽي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) فٽبال چيمپين ليگ ۾ چيلسي ۽ محمد صلاح جي ٽيم ليورپول ميچ کٽي پري ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. برسات دوران راند مان صرف رانديگر ئي نه پر تماشائي به جوش ۾ اچي ويا. گروپ اي ۾ ليول پول ۽ ريڊ بُل سالزبرگ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. اهم ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن پرجوش حملا ڪيا.پهرين هاف ۾ ڪوبه گول نه ٿي سگهيو. ٻئي هاف ۾ راند وڌيڪ تيز ٿي وئي. ڪيتا فيلڊ گول ڪري ليورپول کي ڪاميابي ڏياري. اٺونجاهين يعني ٻئي ئي منٽ ۾ محمد صلاح پنهنجو تجربو ڏيکاريندي اسڪور ڊبل ڪري ڇڏيو. ان ئي 0-2 سان ريڊ شرٽس کي ڪاميابي ملي. ان سان گڏ ئي پري ڪوارٽر فائينل ۾ به جڳهه حاصل ڪري ورتي.ٻئي ميچ ۾ چيلسي ۽ ليل جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. آسمان مان وسندڙ مينهن به جوشيلي رانديگرن جو جذبو  ٿڌو نه ڪري سگهيو. چيلسي جي ابراهيم 19 منٽ ۾ بال کي ڄاري ۾ وجهي مخالف رانديگرن کي بيوس ڪري ڇڏيو. کيس 35 منٽن ۾ ڪاميابي ملي، 2-1 جي سوڀ سان گروپ ايڇ ڪي جي ٽيم چيلسي کي فتح ڏيارڻ سان گڏ ئي لاسٽ سڪسٽين جي ٽڪيٽ به حاصل ڪري ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *