فٽبال جي دنيا جي ٽاپ ٽيمن وچ ۾ عالمي ٽائيٽل لاءِ زبردست جنگ جاري

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) فيفا انڊر 20 مينز ورلڊڪپ ۾ اڄ وڌيڪ 4 ميچن جو فيصلو ٿيندو. ورلڊڪپ نيوزيلينڊ ۾ شروع ٿي چڪو  آهي ۽ فٽبال جي دنيا جي ٽاپ ٽيمن وچ ۾ عالمي ٽائيٽل لاءِ زبردست جنگ جاري آهي. ان سلسلي ۾ اڄ گروپ ۽ ايف ۾ وڌيڪ ٻه ٻه ميچون کيڏيون وينديون. گروپ اي جي پهرين ميچ ۾ نائجيريا جو مقابلو ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻي ميچ ۾ هنگري جو مقابلو  برازيل سان ٿيندو. گروپ ايف جي پهرين ميچ هنڊوراس ۽ فِجي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ميچ جرمني ۽ ازبڪستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *