فيڊرر ۽ نڊال انڊين ويلز جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا

ڪيليفورنيا (اسپورٽس نيوز) عالمي نمبر هڪ ٽينس اسٽار راجر فيڊرر ۽ رافيل نڊال انڊين ويلز ٽورنامينٽ جي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. انڊين ويلز ٽينس ٽورنامينٽ جي ٽئين رائونڊ ۾ راجرر فيڊرر آمريڪا جي اسٽيو جانسن کي 6-7 ۽ 6-7 تان شڪست ڏني، جڏهن ته اسپينش اسٽار رافيل نڊال پنهنجي ئي ملڪ جي فرننڊو وارڊسڪو کي اسٽريٽ سيٽن ۾ شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.27

Author: Tariq Sandilo