فيفا: ڪرپشن اسڪينڊل جي پاڇي ۾ نئين صدر جي چونڊ

سوئٽزرلينڊ(اسپورٽس نيوز) بدعنواني جي الزامن ۾ گهريل فٽبال جي عالمي تنظيم فيفاجا209 ميمبر اڄ سوئٽزرلينڊ جي شهر ريرخ ۾ پنهنجي نئين صدر جي چونڊ ڪري رهيا آهن.اهي چونڊون هڪ اهڙي موقعي تي ٿي رهيون آهن جڏهن ٻه ڏينهن اڳ زيورخ مان ئي فيفا جي ٻن نائب صدرن سوڌو 7 عهديدارن کي آمريڪا ۾ هلندڙ دوکي ۽ بدعنواني جي جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.آمريڪي اختيارين هن وقت تائين ان سلسلي ۾ 14 مانهن تي ٻڌل مني لانڊرنگ، دوکي ڏيڻ ۽ ڪميشن وٺڻ واري الزام جي هيٺ ڏوهي قرار ڏنو آهي. انهن گرفتارين کانپوءِ انهن چونڊن ۾ پسنديده سمجهندڙ اميدوار ۽ تنظيم جي هاڻوڪي صدر سيپ بليٽر جي اسعيفيٰ جا مطالبا به سامهون آيا پر هن چيو ته هو ان اسڪينڊل جو ذميوار ناهي.بدعنواني جي اسڪينڊل تي پرنس علي جو چوڻ هو ته فيفا کي هڪ اهڙينئين قيادت جي ضرورت آهي جيڪا پنهنجي هر عمل جي ذميواري کڻي ۽ گند ٻين تي اڇلي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *