فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائر، ارجنٽائن ڪولمبيا کي 0-1 گول تان هارائي ڇڏيو

بيونس آئرس (اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ 2018ع ڪواليفائر ميچ ۾ ارجنٽائن ڪولمبيا کي 0-1 گول تان هارائي ڇڏيو، ان ڪاميابي سان ارجنٽائن مجموعي طور تي چار پوائنٽس  حاصل ڪري ورتيون آهن، فيفا ورلڊ ڪپ 2018ع جي سلسلي ۾ کيڏيل ڪويلفائر ميچ ۾ ارجنٽائن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف ڪولمبين ٽيم کي دلچسپ مقابلي کان پوءِ 0-1 گول تان هارائي ڇڏيو، ميچ جي 19هين منٽ ۾ ليو ڪاز گول ڪري پنهنجي ٽيم کي سرسي ڏياري، ڪولمبين ٽيم مخالف ٽيم جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪئي، پر قسمت انهن جو ساٿ نه ڏنو ۽ ارجنٽائن 0-1 گول تان ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *