فيصل واوڊا ڪيس هارائي ٿو ته کٽيندڙ اميدوار جي لاٽري نڪري ويندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م.ڊ) سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا جي سيٽ تي کٽيل نثار کهڙي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته فيصل واوڊا جي خالي ٿيل سيٽ تي 9 مارچ تي چونڊ ٿي هئي، سندس سيٽ کٽيندڙ اميدوار جو نوٽيفڪيشن اڃا جاري ناهي ٿيو، ڪيس جو نوٽيس ڪالهه مليو، جواب ڏيڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، ان موقعي تي فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته واوڊا جي جاءِ تي کٽيندڙ اميدوار جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي اسٽي جي ڪري مامرو التوا هيٺ آهي، فيصل واوڊا جي وڪيل جي موقف تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ڪنهن نوٽيفڪيشن کي ناهي روڪيو، فيصل واوڊا جي خالي ٿيل سيٽ تي اميدوار جي فتح عارضي آهي، فيصل واوڊا ڪيس هارائي ٿو ته کٽيندڙ اميدوار جي لاٽري نڪري ويندي، چيف جسٽس چيو ته غلط بيان حلف نامي ۽ پوءِ توهان جي طرز عمل جو نتيجو هوندو، اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 9 تحت اختيار حاصل آهن، اليڪشن ڪميشن جنهن شق تحت نااهلي جوفيصلو ڏنو ان کي به ڏسنداسين، ڪيس کي لٽڪائڻ نٿا چاهيون، نثار کهڙي کي ڌر بڻائڻ چاهيو ٿا ته بڻايو، جيڪڏهن هن جو انتظار ڪيو ته ڪيس 3، 4 هفتا لٽڪي ويندو، جنهن بعد عدالت فيصل واوڊا جي درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي اپريل جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *