فيصل رضا عابدي 19 نومبر تائين جوڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (اين اين آءِ) جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ 19 نومبر تائين جيل موڪلي ڇڏيو، تفصيل موجب نيو رضيا سوسائٽي ۾ ڇاپي دوران گرفتار فيصل رضا عابدي کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير نمبر 6 جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته فيصل رضا عابدي جي گهر مان سرچ آپريشن دوران 5 قسمن جا هٿيار مليا آهن، انهن جي لائنسنس جي تصديق نه ٿي سگهي آهي، فيصل رضا عابدي جي گهر مان هٿ ٿيل هٿيارن ۾ هڪ ايس ايم جي به شامل آهي جنهن جو لائسنس پيش نه ڪيو ويو، فيصل رضا عابدي جي هٿيارن جا لائسنس وفاقي ۽ صوبائي گهرو وزارت کي تصديق لاءِ موڪليا ويا آهن، جڏهن ته مختلف معاملن ۾ جاچ به جاري آهي، ان ڪري جوابدار جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي، عدالت فيصل رضا عابدي کي 19 نومبر تائين جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي هٿيارن جي لائسنس جي تصديق ۽ غير قانوني هٿيارن بابت رپورٽ طلب ڪئي آهي، فيصل رضا عابدي خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *