فيصل آباد ۾ زال مڙس سان جهيڙي بعد 2 ٻارڙن کي قتل ڪري ڇڏيو

فيصل آباد (اين اين آءِ) فيصل آباد ۾ ماءُ پنهنجن هٿن سان پنهنجي جنت ختم ڪري ڇڏي، مڙس سان جهيڙي کانپوءِ 2 ٻارڙن کي ڇري سان ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، علائقي واسين ڏوهاري عورت کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، فيصل آباد جي ٿاڻي دجڪوٽ جي حد ۾ هڪ ماءُ سنگدلي جي انتها ڪندي پنهنجي 2 ٻارڙن کي گهرو اڻبڻت کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو، سلمان جو پنهنجي مڙس سان جهيڙو ٿيو ته هو ڪاوڙجي اچي مائٽن ۾ ويٺي هئي، گذريل رات ٽيليفون تي ٻيهر جهيڙو ڪرڻ تي سلمان پنهنجي ٻن ٻارڙن ڇهن ورهين جي مافيا ۽ 5 سالن جي شبير کي ڪهاڙين جا وار ڪري هميشه لاءِ ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو، سنگ دل ماءُ کي علائقي واسين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻنهي زال مڙسن جو پاڻ ۾ جهيڙو روز جو معمول بڻيل هوندو هو، پوليس مطابق ڏوهاري عورت سلمان جي مڙس سان رابطو ٿي ويو آهي جلد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *