فيصل آباد ۾ جيڪو ٿيو ان جي پويان ن ليگ جي وزيرن جو هٿ آهي: شاهه محمود قريشي

لاهور(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي الزام لڳايو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي سرڪاري اهلڪارن مڇرايو ڪارڪنپرامن احتجاج ڪرڻ چاهين پيا اڄ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايندڙ لائحه عمل طئه ڪيوويندو جيڪو ڪجهه فيصل آباد ۾ ٿيو ان جي پويان ن ليگ جي وزيرن جو هٿ آهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته معيشت کي نقصنا حڪومت جي هٺ ڌرمي پهچايو اسان 116 ڏينهن کان ڌرڻي کي پرامن رکيو سنڌ ۾ غوث علي شاهه جو ڪيس به اسان جي ڪيس سان ملندڙ جلندڙ آهي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جا ڪارڪن شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن جيڪو ڪجهه ن ليگ سبب ٿيو هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي آنا ۽ ڏنڊا ڏنا ويا منهنجي ڪارڪنن کي اپيل آهي ته پرامن رهن ۽ قانون هٿ ۾ نه کڻن اسان اچي رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *