فيصل آباد: پي ٽي آءِ جو احتجاج، ناولٽي چوڪ ميدان جنگ بڻجي ويو، هڪ مارجي ويو

اسلام آباد/فيصل آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پاران فيصل آباد ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي، پِي ٽــِي آءِ ۽ ن ليگ ڪارڪنن ۾ چڪرين سبب ناولٽي چوڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، فائرنگ ۾ تحريڪ انصاف جو هڪ مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. تحريڪ انصاف پاران چونڊ ڌانڌلين خلاف احتجاج لاءِ فيصل آباد شهر جي 9 هنڌن کي احتجاج جو مرڪز بڻايو ويو جتي انتظاميه پاران 4 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا, تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ ڪارڪنن ناولٽي پل ڀرسان هڪ ٻئي تي پٿراءُ ڪيو ۽ چڪرين دوران هڪ ٻئي جا ڪپڙا به ڦاڙي ڇڏيا. ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ انتظاميه واٽر ڪينن جو به استعمال ڪيو پر سادا ڪپڙا پهريل شخص جي فائرنگ ۾ پي ٽي آءِ جا 2 ڪارڪن زخمي ٿي پيا. زخمين کي الائيڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هڪ ڪارڪن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. پهرين مرحلي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن ملت چوڪ تي گڏ ٿيا جتي هنن ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جڏهن ته نواز ليگ ڪارڪنن به پهتا جن پي ٽي آءِ جا بينر ڦاڙي ڇڏيا. ٻنهي جماعتن جا ڪارڪن هٿين پئجي ويا پر پوليس صورتحال تي ضابطو آندو. الائيڊ چوڪ تي پي ٽي آءِ جي عورت ورڪرز احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان گو نواز گو ۽ ن ليگي ڪارڪنن ” رو عمران رو“ جا نعرا هنيا. جڏهن ته صورتحال تي ضابطي لاءِ انتظاميه وڌيڪ پوليس نفري ۽ واٽر ڪينن گاڏيون طلب ڪري ورتيون آهن.فيصل آباد ۾ تحريڪ انصاف جي هڙتال واري سڏ جي موقعي تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن زبردستي تعليمي ادارا بند ڪرائڻ شروع ڪيا، جڏهن ته شهر جي مختلف چوڪن، چوراهن تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيا ويا، ان موقعي تي نواز ليگي ڪارڪنن ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وچ ۾ پهرين نعريبازي، بعد ۾ پٿراءُ ۽ لٺبازي ٿي، جنهن کانپوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڪارڪن مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سيني ۾ گولي لڳڻ سبب اصغر علي جو موت واقع ٿيو، پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته مقتول اصغر علي سندن ڪارڪن هو.فيصل آباد جي ملت روڊ، عبدالله پور، ستيانه روڊ، نڙ والا روڊ، گهنٽا گهر چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو احتجاج جاري آهي ۽ اتي ٽائر سڙي رهيا آهن، جڏهن ته ڪارڪنن وچ ۾ چڪرين جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي، جنهن تي پوليس ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪرين جي شروعات نعريبازي ۾ ٿي، جنهن ۾ هڪڙن ڪارڪنن گو نواز گو ۽ ٻين رو عمران رو جا نعرا هنيا.نعريبازي کانپوءِ ڪارڪنن هڪٻئي تي پٿراءُ ڪيو، جنهن کانپوءِ ڏنڊا کڻي هڪٻئي کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ آخر ۾ وري هٿياربند ڪارڪنن فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، جنهن ۾ هڪ ڪارڪن هيل تائين فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. فيصل آباد جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن تشدد جي واٽ ورتي آهي ۽ زبردستي دڪان ۽ تعليمي ادارا بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. فيصل آباد جي انتظاميه صورتحال تي ضابطي لاءِ ڀرپاسي جي ضلعن مان 1500 پوليس اهلڪار ۽ واٽر ڪينن گاڏيون طلب ڪيون آهن پر اڃا تائين فيصل آباد ۾ صورتحال معمول تي نه آئي آهي.فيصل آباد جي انتظاميه اڻ وڻندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو احتجاج پر امن آهي ۽ عمران خان به اِن احتجاج جو حصو ٿيڻ لاءِ فيصل آباد پهچي رهيو آهي. عمران خان پنهنجي ٽئيٽ ۾ چيو آهي ته هو منجهند جو ساڍين ٽين وڳين گهنٽا گهر چوڪ فيصل آباد پهچندو، جتي احتجاج جو حصو ٿيندو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ذميوار حڪومت آهي ۽ فيصل آباد ۾ پهچي حڪمرانن خلاف ايف آءِ آر درج ڪرائيندس، بني گالا کان فيصل آباد روانگي کان پهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته ڪنهن کي ڪوبه شڪ نه هجڻ گهرجي ته پرامن احتجاج سمورن پاڪستانين جو حق آهي ۽ انهن کي تحفط ڏيڻ رياست جو فرض آهي پر فيصل آباد ۾ شريف خاندان پنهنجن گلو بٽن ذريعي تشدد ڪري رهي آهي، تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ شريف خاندان جي پراڻي عادت آهي جڏهن ته ان کان پهريان ماڊل ٽائون ۾ به ان قسم جي راند کيڏي وئي هئي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪا غلطي ڪيون ها ته پوليس جو ڪم هو روڪڻ گلو بٽن جو نه، ن ليگ جا گلو بٽ تياري سان آيا هئا ۽ انهن مان هڪ شخص مظاهرين تي گوليون هلائي رهيو هو ۽ پوليس صرف ان کي ڏسندي رهي جڏهن ته راڻا ثناءُ الله پهريان ئي چئي چڪو هو ته احتجاج ڪندڙن کي ڏسي وٺنداسين، تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو چوڻ هو ته شريف خاندا ن پنجاب ۾ پوليس اسٽيٽ بڻائي رکيو آهي ۽ جيڪڏهن لاهور ۾ طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو ته ان جو مقابلو ڪري ڏيکاريندس، اسان جو ڏوهه هي آهي ته اسان انصاف گهري رهيا آهيون جڏهن ته حڪومت جائز مطالبا مڃڻ بجاءِ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان نواز شريف جي چوڻ تي 30 نومبر تي پشاور ۾ اسان جي قافلي کي روڪيو پر اسان ان تي پوليس استعمال نه ڪئي، ڇو ته اسان جمهوري ماڻهو آهيون ان لاءِ اسان تشدد بجاءِ امن جو رستو اختيار ڪيو ۽ قافلي جو رستو بدلائي اسلام آباد پهتاسين جڏهن ته شريف فيملي هميشه کان ئي طاقت جو استعمال ڪندي رهي آهي. عمران خان چيو ته اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو خوش آئند آهي ۽ جلد سچ سامهون اچي ويندو انصاف وٺڻ لاءِ اسان کي ڏيڍ سال لڳي ويو پر ٿيلهن ۾ پيل ثبوت جلد عوام سامهون اچي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *