فيصلو ٻارن خلاف آيو تڏهن به وزيراعظم خلاف هوندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم جي نااهلي يقيني نظر اچي رهي آهي، فيصلو ٻارن خلاف آيو تڏهن به وزيراعظم جي خلاف ئي هوندو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان پاناما ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ ملاقات ڪئي ۽ ڪيس جي فيصلي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات ۾ پاناما ڪيس جي فيصلي کانپوءِ آئيني ۽ قانوني حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي، عمران خان جو چوڻ هو ته پوري قوم پاناما ليڪس جي ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي، فيصلو اچڻ بعد قوم شڪر ادا ڪندي، ڪيس ۾ وزيراعظم جي نااهلي يقيني نظر اچي رهي آهي، عمران خان چيو ته فيصلو ٻارن خلاف آيو تڏهن به وزيراعظم خلاف ئي هوندو، عمران خان وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي اصل تشريح پاناما ڪيس ۾ ٿيندي، پاناما فيصلي ۾ 62 ۽ 63 جي تشريح سرجيڪل هوندي، اپوزيشن، فوج، ميڊيا ۽ قوم کي انصاف تي ٻڌل فيصلي جو انتظار آهي. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر عمران خان چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ ڳٺ جوڙ نه هلڻ ڏينداسين. پاناما ڪيس جو فيصلو ايندڙ هفتي اچي ويندو، ايندڙ چونڊن ۾ ميرٽ تي ٽڪيٽن جو فيصلو پاڻ ڪندس. بني گالا ۾ ايم پي اي رانا علي سلمان سان ملاقات دوران عمران خان چيو ته نواز شريف پاناما جي ڪري پريشان آهي، شريف ڀائرن سڀني ادارن کي قابو ڪيو آهي، عدالت ۽ فوج مان حڪمرانن کي خطرو آهي ان ڪري ان کي بدنام ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پامانا جي فيصلي جو سڄي قوم کي انتظار آهي، فيصلو جيڪو به اچي ان کان پوءِ ايندڙ چونڊن جي لاءِ ڪوششون شروع ڪنداسين، ايندڙ چونڊن ۾ ڪارڪنن جي خواهش ۽ پارٽي ويزن موجب ٽڪيٽون ڏنيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *