فيشن ۽ سينگار بابت بالي ووڊ ۾ جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ڄاڻ آهي ته اها ڪترينا ئي آهي: رنبير ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي چاڪليٽي هيرو ۽ ڪپور خاندان جي ڳڀرو اداڪار رنيبر ڪپور پنهنجي گرل فرينڊ ڪترينا ڪيف بابت چيو آهي ته کيس سونهن ۽ سينگار جي ايتري ته زبردست ڄاڻ آهي جو هو حيرت ۾ پئجي ويندو آهي، کيس لڳي ٿو ته سندس ان  ڄاڻ ڪري پنهنجو پاڻ کي فٽ ۽ بهتر رکي سگهي ٿي، پهريون ڀيرو ماڻهن وچ ۾ ڪترينا بابت ويچار ونڊيندي رنيبر چيو ته فيشن ۽ سينگار بابت بالي ووڊ ۾ جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ڄاڻ آهي ته اها ڪترينا ئي آهي، بالي ووڊ ذريعن موجب ٻئي اداڪار هڪ ٻئي بابت گهٽ ڳالهائيندي ڏٺا ويا آهن، پر جڏهن به ڳالهائيندا آهن ته بالي ووڊ نگريءَ ۾ هر وات تي سندن ڳالهه اچي ويندي آهي، هن چيو ته ڪترينا سان گڏ ڪرينا، پريانڪا ۽ ٻين اداڪارائن کي به فيشن جي چڱي ڄاڻ آهي، رنبير چيو ته بگ بي اميتاڀ بچن جي اسٽائيل ۽ شخصيت تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هو ان جو هڪ قسم جو ديوانو پڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *