فيس بڪ تي اميتاڀ بچن جي مداحن جو انگ 23 ڪروڙ ٿي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن جي فيس بڪ تي مداحن جو انگ 23 ڪروڙن تائين پهچي ويو آهي. بالي ووڊ جي سڌ سماءَ وارن ذريعن جي رپورٽ موجب اميتاڀ جي فيس بڪ تي فالوورز جو انگ 23 ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي. اميتاڀ فيس بڪ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ ان تي خوشي جو اظهار ڪندي مداحن جي پسنديدگي جو شڪريو ادا ڪيو آهي. گذريل سال رليز ٿيل سندس فلم ”پيڪو“ کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *