فورسز جو ٽانڪ ۽ مير علي ۾ آپريشن، 4 اهلڪار شهيد، 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: (م.ڊ) ٽانڪ ۽ مير علي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. جڏهن ته آپريشن دوران 2 دهشتگرد به مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا جن جي سڃاڻپ شاهه زيب عرف ذاڪر ۽ دانيال جي نالن سان ٿي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ٻيو بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڳجهي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ به آپريشن ڪري هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار دهشتگردي جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان مقابلي دوران 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا. شهيدن ۾ بهاوالنگر سان تعلق رکندڙ سپاهي فرحان ۽ ايبٽ آباد جو سپاهي شيراز شامل آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *