فوج پهريون ڀيرو غير سياسي ٿي آهي، سڌارن کانپوءِ چونڊون ٿينديون: آصف زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊن جي مطالبن جو ماحول آهي آئون چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪو به آيو ان کي مسئلا حل ڪرڻا آهن ته پوءِ اسان کي اهو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، اسان کي اندازو لڳائي وڻ کي ٻيهر ميويدار بڻائڻو آهي، اسان هر قدم سوچي سمجهي کڻنداسين. اڳوڻي صدر چيو ته هن ڪڏهن چيو ته اسان عام چونڊن کان ڊڄون ٿا، اسان جو گيم پلان اليڪشن ۽ نيب سڌارا آڻڻ جو آهي، اسان سياسي قوتن سان گڏجي سليڪٽڊ کي هٽايو، مون پهرين ڏينهن چيو هو ته اهي ملڪ نه هلائي سگهندا، هن جا پنهنجا ئي دوست کيس ساٿ ڇڏي ويا، پنهنجن ماڻهن هن کي ڇڏي ڏنو ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ماڻهن سان سياسي واعدا پورا نه ڪيا. اڄ تائين چوندو رهيو آهيان ته چونڊون ڪرايون وڃن، اسان حڪومت ٺاهي آهي هو چاهين ٿا ته عام چونڊون ٿين. اڳوڻي صدر چيو ته جڏهن چوندو هوس ته اها ڌانڌلي واري حڪومت آهي ته ڪنهن به نه ٻڌي. سليڪٽڊ کي پارليامينٽ ۾ چيو هو ته اڪنامڪ چارٽر ٺاهيو وڃي انهن کي اڪنامڪ چارٽر جي تجويز ڏني هئي پر سليڪٽڊ سمجهي نه سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ ڪابينا جا ٻيا ميمبر پڻ ساڻس گڏ هئا. پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته گذريل رات نواز شريف سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ کيس وضاحت به ڏني ته هو اڄ جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي اهو ميان صاحب جي مشوري سان چئي رهيو آهي. گذريل حڪومت بابت آصف زرداري چيو ته منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن ڪو پاڪستان کي هلائي سگهي ٿو ته اهي اسان آهيون، عمران نٿو هلائي سگهي. اسان وزيراعظم بڻجڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو ڪو به ووٽ نه ورتو. اڳوڻي صدر چيو ته اسان ڪڏهن چيو ته چونڊون نه ڪرائينداسين، چونڊ سڌارن کانپوءِ اليڪشن ڪرائينداسين. هن چيو ته اسان گڏجي سليڪٽڊ کي هٽايو آهي آئون چاهيان ٿو ته ماڻهن جا بند پيل چلها ٻاريا وڃن. عمران خان پاران نيون چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي تي آصف علي زرداري چيو ته حڪومت ۾ اچي 4 سالن ۾ هن ڇا ڪيو؟ اليڪشن ۾ وڃڻ کانپوءِ ڇا ڪندو؟ توهان پنهنجي چئن سالن ۾ ڇا ڪيو؟ اڳواٽ چونڊون ڪرائڻ سان ڇا ٿيندو؟ هن اهو به چيو ته نئين حڪومت آئي آهي، صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪجهه وقت گهرجي. مهانگائي بابت هن چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ نٿا چاهيون. پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان ڪڪڙ ۽ بيضن سميت ٻيون ضروري شيون به مهانگيون ٿي پون ٿيون. آئون چاهيان ٿو ته ماڻهن جا چلها ٻاريا وڃن. اسٽاڪ مارڪيٽ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج هاڻي پنهنجن پيرن تي بيٺل آهي، پرويز مشرف جي دور ۾ به اسان اسٽاڪ ايڪسچينج کي سنڀاليو هو. هن چيو ته جيستائين آءِ ايم ايف پروگرام نه ايندو تيستائين مسئلا رهندا. جيڪڏهن مان پاڪستان کپي جو نعرو نه لڳايو هجي ها ته اڄ صورتحال هي نه هجي ها، پاڪستان کي مضبوط ڪنداسين، جمهوريت ۾ هميشه شڪست ۽ فتح ٿيندي آهي، شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي ايندو ته وري گڏجي ويهينداسين. اسان پرويز مشرف کي ڊڪٽيٽر چوندا هئاسين پر ڪڏهن به سندس گهر تي حملو نه ڪيو ۽ آئون پاڪستان کان ٻاهر تڏهن ويو آهيان جڏهن منهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو آهي. بيوروڪريسي ۽ ملڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي، اهي ملڪ جي معاملن کان چڱي ريت واقف آهيون. اڳوڻي صدر چيو ته 1947 کان اڄ تائين اسان جي خلاف سازش ٿي رهي آهي، مير جعفر ۽ مير صادق جو خطاب ڏيڻ وارو عمران خان ڪير ٿيندو آهي؟ بي بي کي شهيد ڪري پاڪستان خلاف سازش ڪئي وئي. ڪراچي ۾ مسئلن جي حوالي سان هن چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ڪم ٿيو آهي. جيڪڏهن ڇڏينداسين ته ڪو ٻيو اچي ويندو. مان واپار برادري سان ويهڻ ۽ انهن کان مشورا وٺڻ چاهيان ٿو. عمران خان جو چوڻ آهي ته هوءَ آلو ۽ ٽماٽن لاءِ نه آيو آهي پر آئون ته انهيءَ لاءِ آيو آهيان. هن وقت سسٽم کي ٻاهر وڃي حل ڳولڻ جي ضرورت آهي؛ پاور سيڪٽر جي پرائيويٽائيزيشن ڪرڻ آهي اهو آئوٽ دي باڪس ڪم آهي. اڄ 50 هزار رپيا پگهار وارو به مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاور پلانٽس نه سولر پلانٽس کي انفرادي طور تي قرض ڏينداسين. اوورسيز پاڪستانين کي ملڪ جي زميني حقيقتن جي خبر ناهي اسان کي پاڻ ئي مسئلا حل ڪرڻا پوندا. ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ بابت هن چيو ته پاڻي جي مسئلي تي چوان ٿو ته الله جو شڪر آهي ڪجهه گليشيئر پگهريا آهن، پاڻي اچي رهيو آهي. سنڌ ۾ پنهنجن ۽ غريبن جي فصلن کي ڏسي روئي پيو هوس. پاڻي جو مسئلو آهي اسان دوستن کي ڪم تي لڳائينداسين. دهشتگرديءَ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يونيورسٽي ۾ جنهن نياڻي چيني شهرين تي حملو ڪيو تنهن جو وڏو ڏک پهتو آهي، نياڻي جو برين واش ڪيو ويو، گهڻو ڏک ٿيو ته نياڻي ان غلط رستي ڏانهن هلي وئي. چين کي هڪ دوست ملڪ جي حيثيت سان اچڻ جي اجازت ڏني، گوادر اسان ڏنو آهي اسان سان ڳالهايو وڃي، اسان پاڪستان لاءِ ڏنو آهي، چيني ماڻهو ٻولي سيکاري رهيا هئا، ايتري ڪاوڙ ڇو؟ ملڪ جي صدر عارف علوي بابت هن چيو ته علوي ڏندن جو ڊاڪٽر آهي، کيس ڪهڙي خبر ته سياست ڇا آهي؟ علوي صاحب سياست ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. منهنجي تجويز آهي ته بيوروڪريسي کي نيب کان ڌار ڪيو وڃي. نيب ۾ غير سياسي آفيسر رکيا ويندا، اسان کي بيوروڪريسي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، انهن شين جي باري ۾ ڳالهايو وڃي جيڪي پرائيويٽائيزيشن ٿي سگهن ٿيون. آمريڪي خط بابت پڇا ڪيل سوال جي جواب ۾ چيو ته مون اهڙو ڪوبه خط نه پڙهيو آهي بلڪه خط پاڻ لکيو اٿن. آمريڪي سفير عام طور تي اهڙي ٻولي استعمال نه ڪندا آهن. خط هوندو پر رياست پاران نه آيو هوندو. جوبائڊن منهنجو دوست آهي ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه هجي ها ته هوءَ مونکي فون ڪري ها. جيڪڏهن انهن وٽ خط بابت ڪو ثبوت آهي ته پيش ڪن. اڳوڻي حڪومت جو عرصو پورو نه ٿي رهيو هو پر سڏڪا ڀري رهي هئي، ڪيترائي ملڪ آهن جتي معاشي صورتحال خراب آهي اسان کي به محتاط رهڻو پوندو. ڊالر جي قيمت ۾ واڌ بابت هن چيو ته منهنجي دور ۾ ڊالر هيٺ مٿي ٿيندو رهيو پر 60 کان مٿي وڃڻ نه ڏنو. ايم ڪيو ايم بابت پڇا ڪيل سوال تي چيو ته ڪراچي اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهي، اسان ڪراچي کي فنڊ ڏينداسين، ايم ڪيو ايم کي به صحيح رخ ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. اڳوڻي صدر چيو ته جيڪڏهن فوج غير سياسي آهي ته جنرل باجوه کي سلام ڪرڻ گهرجي يا وڙهڻ گهرجي. هن چيو ته آئون پاڪستان جي آبادي 20 ڪروڙ نٿو سمجهيان، منهنجي خيال ۾ ملڪ جي آبادي 30 ڪروڙ آهي ۽ اسان کي انهن مان پاڪستان ٺاهڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *