فوج سان گڏجي ڪري خطي مان دهشتگردي جي پاڙ پٽي ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم ميان نواز شريف، ملڪ جَي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪندَي چيو آهي ته پاڪستان پرامن ۽ ذميوار ايٽمي ملڪ آهي، فوج سان گڏجي ڪري خطي مان دهشتگردي جِي پاڙ پٽي ويندي. بچاءَ واري ڏهاڙَي جِي مناسبت سان جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو ملڪ جَي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿو. نواز شريف چيو ته پاڪستان پرامن ۽ ذميوار ايٽمي ملڪ آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سياسي ۽ فوجي قيادتون هڪ پيج تي آهن، دهشتگرديءَ جو هر صورت ۾ خاتمو آندو ويندو. ميان نواز شريف هميشه جيان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپن جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *