فوج جي قربانين ۽ فتح کي سياسي اختلافن ۽ موقعي پرستي جي نذر نه ڪرڻ گهرجي:آصف زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پوري قوم ۽ پ پ فوج سان گڏ بيٺل آهي، ڪجهه عنصرن پاران ملڪ اندر سياسي معاملن يا احتساب جي لاءِ فوج جو ڪردار ڳولڻ مناسب نه آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاران جاري ٿيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملڪ جا اندروني ۽ پرڏيهي دشمن خطرا پيدا ڪري رهيا آهن، پابندي مڙهيل تنظيمن جا دهشتگرد ۽ بلوچستان جا علحيدگي پسند پرڏيهي قوتن سان گڏجي قوم کي منتشر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ فوج جي شاندار ڪردار تي قوم کي فخر آهي، قوم ۽ سياسي قوتون ملڪ جي سلامتي جي لاءِ فوج سان گڏجي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينديون. آصف زرداري وڌيڪ چيو آهي ته ڪراچي ۾ منظم ڏوهه ٿيڻ وڏي سازش آهي، قوم ۽ ميڊيا کي افواهن ۽ اڳڪٿين تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي، جنرل راحيل شريف جو ملازمت ۾ واڌ نه وٺڻ وارو بيان وقت کان اڳ آهي، ان سان منفي تاثر وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان کي پاڪ فوج جي جوانن تي فخر آهي، پاڪ فوج ضرب عضب آپريشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پ پ ضرب عضب آپريشن جي حمايت ڪري ٿي. آصف زرداري چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا هئا، فوج جي قربانين ۽ فتح کي سياسي اختلافن ۽ موقعي پرستي جي نذر نه ڪرڻ گهرجي. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ هر اول دستو آهي، اميد آهي ته پاڪستان هميشه جي لاءِ دهشتگردي کان پاڪ ٿي ويندو، جنرل راحيل جي مدبراني قيادت ۾ اميد آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ پنهنجي منطقي انجام تي پهچندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *