فوجي عدالتن کي قبول ڪرڻ جو فيصلو زهر جو ڍڪ پيئڻ وانگر سمجھي ڪيو آهي: خورشيد شاهه

سکر(بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ چيو آهي ته، پيپلز پارٽي فوجي عدالتن کي قبول ڪرڻ جو فيصلو زهر جو ڍڪ پي ڪيو آهي.فوجي عدالتن جو قيام انتقامي قانون نه بڻجي وڃي، ان لاءِ سو چي سمجھي فيصلا ڪرڻا پوندا. سکر آءِ بي اي ۾ تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته، پيپلز پارٽي پنهنجي پاليسي جلسن ۾ نه پر سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ طئي ڪندي آهي. هن چيو ته، سيڪيورٽي سببن جي ڪري بلاول ڀٽو زرداري ورسي جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي. پ پ ۾ اختلافن جون ڳالهيون ڪندڙن اڳيان واضح ٿي چڪو آهي ته پارٽي ۾ ڪي به اختلاف ناهن. هن چيو ته، فوجي عدالتن کي قبول ڪرڻ جو فيصلو زهر جو ڍڪ پيئڻ وانگر سمجھي مجبوري ۾ ڪيو آهي،  آصف علي زرداري فوجي عدالتن تي اک رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. فوجي عدالتون سياسي مقصدن لاءِ ۽ سياستدانن خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين. ائين نه ٿئي جو فوجي عدالتن جوقيام انتقامي قانون بڻجي وڃي ان ڪري سوچي سمجھي فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته، آصف زرادري ٻلي جي ڳالھ ڪئي آهي ۽ ملڪ ۾ گھڻائي ٻلا آهن. پرويز ۾شرف وٽ نه هاڻ وردي آهي ۽ نه ئي کيس عوامي حمايت حاصل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *