فوجي عدالتن خلاف سڄي ملڪ ۾ وڪيلن پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي فوجي عدالتن خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، وڪيل برادري پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ريليون ڪڍيون ويون، 21 هين آئيني ترميم ذريعي فوجي عدالتون قائم ڪرڻ خلاف پاڪستان بار ڪائونسل جي اپيل تي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، اسلام آباد، پشاور، لاهور، راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرا  ڪيا ويا، ڪراچي جي سمورين عدالتن ۾ ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، حيدرآباد جي سمورين عدالتن ۾ عدالتي ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، جڏهن ته وڪيل برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ميرپورخاص، دادو، نوشهري فيروز، سکر، نوابشاهه ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد وڪيل برادري احتجاج ڪيو، لاڙڪاڻي، قمبر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، . وڪيلن جو چوڻ هو ته 21 هين آئيني ترميم آزاد عدليه تي حملو آهي جنهن ڪري ملٽري ڪورٽس بدران موجوده عدالتن کان ئي ڪم ورتو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *