فواد چوڌري نظام کان لاعلم آهي، کيس خبر هجڻ گهرجي ته اجلاس موسميات کاتي ۾ ٿيندو آهي: مفتي منيب الرحمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان اسلامي ڪئلينڊر ٺاهڻ جي حوالي سان سائنس ۽ ٽينڪنالاجي بابت وفاقي وزير فواد چوڌري کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ ڏنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي مفتي منيب الرحمان چيو ته فواد چوڌري نظام کان لاعلم آهي، کيس خبر هجڻ گهرجي ته اجلاس موسميات کاتي ۾ ٿيندو آهي، ڪڏهن به ائين ناهي ٿيندو ته کليل آسمان ۾ چنڊ نظر نه اچي. هن چيو فواد چوڌري چاهي ته کيس 100 سالن جو ڪئلينڊر به ٻڌائي ڇڏينداسين، هو جلسا ڪري پر ديني معاملن ۾ ڳالهائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، فواد چوڌري پاڪستان جي تاريخ کي نه ڊاهي، وزيراعظم وزيرن کي هدايت جاري ڪري ته اهي تاريخ کي مسخ نه ڪن. واضح رهي ته فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هر سال چنڊ جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ تڪرار ختم ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته سپارڪو، موسميات کاتي ۽ سائنس ٽيڪنالاجي جي ماهرن تي ٻڌل هڪ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا ايندڙ 10 سالن لاءِ چنڊ، عيدن، محرم ۽ رمضان سميت اهم تاريخ جو ڪئلينڊر جاري ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *