فواد چوڌري تحريڪ انصاف جو ترجمان مقرر، نعيم الحق پارٽي ترجمان ئي رهندو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو/م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، فواد چوڌري کي پارٽي جو ترجمان مقرر ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب عمران خان پارٽي ترجمان لاءِ فواد چوڌري جي چونڊ ڪئي آهي، جڏهن ته نعيم الحق اطلاعات واري مرڪزي سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏيندو رهندو.  تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نعيم الحق پارٽي جو اطلاعات وارو سيڪريٽري ۽ ترجمان ئي رهندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته نعيم الحق سان گڏ ڪجهه ترجمانن جي ٽيم جوڙي وئي آهي، هو پنهنجي عهدي تي قائم رهندو ۽ تحريڪ انصاف جي ترجمان طور موقف پيش ڪندو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *